تاريخ جا پيرا

تاريخ جا پيرا

تاريخ جا پيرا

تاريخ جا پيرا (ڪتاب): هي ڪتاب انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر اَرڏي اُتراديءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مهاڳ لطيف جمال لکيو آهي، جڏهن ته ‘پبلشر نوٽ’ واحد ڪانڌڙي ۽ بئڪ ٽائيٽل نوجوان ليکڪ غلام رسول مڱريي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ٽائيٽل عرفان علي ميمڻ ٺاهيو آهي. ڪتاب جي ارپنا قومپرست اڳواڻ وهاب ڀيي کي ڪيل آهي. ڪتاب ۾ شاعر مختلف قومي شخصيتن کي منظوم خراج پيش ڪيو آهي، جن ۾: جي. ايم. سيد، عبدالواحد آريسر، شهيد الهه بخش سومرو، قيوم منگي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، وهاب ڀيو، راجا ڏاهر، احسان ميمڻ، مقصود گل وغيره شامل آهن. ڪل 28 نظم شامل آهن. 96 صفن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد، 2017ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت 130 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو